SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اڳ – ڳڻتي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اڳ – ڳڻتي

Forword Engagment

فارورڊ انگئيجمنٽ

اڳوڻي آمريڪي نائب صدر ”ايل گور“ جي صلاحڪار ’ليئون فيُورٿ‘ (Leon Fuerth) طرفان استعمال ڪيل هي اصطلاح ، حڪومتي وهنوار هلائڻ دوران پيش ايندڙ تفصيلي معاملن بابت ، ترتيبوار سوچ ۽ گهڻ - رُخي ڳڻ- ڳوت کي نروار ڪري ٿو. هي تصور ”مستقبل جي مطالعن (Future Studies) ۽ پيچيدهه سرشتن (Complex Systems) وارن تحقيقي طريقن تي بيٺل آهي ، جيڪي واضح ڪن ٿا ته: (ا) بنيادي سماجي تبديليءَ جي رفتار ڪنهن به سماج طرفان اهڙي تبديليءَ جي ”قبولڻ واري سگهه“ سان مشروط آهي، يعني جيڪو معاشرو جيترو گهڻو تبديل ٿيڻ گهرندو، اوتري اتي تيز تبديلي ايندي. (2) تبديليءَ جي حوالي سان حڪومتون جيترو وڌيڪ سهڪار آڇينديون، اوترا وڌيڪ ڪارائتا نتيجا ملندا (3) اهڙن سرشتن جو هجڻ ضروري آهي، جيڪي ملڪي حڪومتن کي، ايندڙ دور جي تقاضائن بابت اڳواٽ آگاهي ڏيندي، کين نئين دور سان مکا ميلي جي مناسب صلاحيت بخشين .”اڳ ڳڻتيءَ“ وارو تصور ٻڌائي ٿو ته سماج کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ نين تقاضائن جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو اهي مسئلا هاڻي ٻين معاملن سان لاڳاپجي پهلودار ٿي چڪا آهن. خاص طور تي رياستي ۽ حڪومتي معاملن ۾ گهرو ۽ پرڏيهي پاليسيون هڪٻئي سان سنوت ۾ نه هئڻ سبب، حڪمرانيءَ سان لاڳاپيل معاملا ڏينهون ڏينهن پيچيده ٿي رهيا آهن. اهي معاملا اڳواٽ اپاءُ وٺڻ ۽ نيتين جي هڪ ٻئي سان سلهاڙجي حل ٿي سگهن ٿا


Remember Me Also:

قياسي

ذ. صفت. قياس وارو ، ويچار وارو. مهربان ، رحمدل ، قياس وند ، غير عملي ، صاحب قياس. ظرف اندازي طور.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal